سيد محبوب علي شاهه 2

سيد محبوب علي شاهه2: ناميارو مصور سيد محبوب علي شاهه سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. هيءُ هر قسم جي تصويرڪشي ۽ منظرنگاري ڪرڻ ۾ مهارت رکندو هو. هن جون ڪيتريون تصويرون اعلى عملدارن جي گھرن جي سونهن بڻيل آهن. 27 جون 1968ع تي جنرل ايوب خان جي جشن ڏهه سالا ترقيءَ جي سلسلي ۾ ميرپورخاص ۾ منعقد ٿيل آل پاڪستان پينٽنگس ۽ فوٽوگرافي نمائش ۾ کيس سندس تيار ڪيل سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندڙ پينٽنگ کي پهريون نمبر مليو. سيد محبوب علي شاهه جي مصورانه صلاحيتن کي هڪ آمريڪي عملدار جان ايس برمس خط لکي ساراهيو هو. شاهه صاحب مصور هئڻ سان گڏ هڪ سياسي ۽ سماجي ڪارڪن به هو. ٽائون ڪاميٽي سجاول جو ڪائونسلر ۽ چيئرمئن به رهيو. شهري مسئلن جي حل لاءِ وقت به وقت قائم ٿيندڙ ڪميشن جو يا ته باني توڙي ميمبر پڻ رهيو.
سيد محبوب علي شاهه، 09 آگسٽ 2000ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو